اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي ۽ محمد زبير جا بيان ن ليگ جي اندر ويڇن کي وڌيڪ واضح ڪري ڇڏيو آهي، خاندانن ملڪ جي تباهي ڪري ڇڏي آهي، ن ليگ ۾ هاڻي نئ??ن قيادت سامهون اچي ويندي جيڪا سٺي ڳالهه آهي، پيپلزپارٽي کي به زرداري کان اڳت?? نڪرڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن م??ين?? خيبرپختونخوا ۽ ايندڙ ڪجهه م??ين?? ۾ پنجاب ۾ طا??تو?? مقامي حڪومتن ??ي چونڊ حڪومت جو اعتماد ظاهر ڪن ٿا، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ خيبرپختونخوا ۾ اميدوار به بيهاري نه سگهيا، اها ئي حالت پنجاب ۾ هوندي، هن چيو ته صرف هڪ ٻه ٽي وي چئنل انهن جي عملي طور تي مرده سياست کي زنده رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.