اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغا??ست??ن جي فوري طور تي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي تباهي ۽ انساني بحران جي چئلينجز کي منهن ڏي?? جي لاءِ معاشي مدد تي زور ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته عالمي برادري صورتحال جي سنگيني جو ادراڪ ڪندي ۽ افغان عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي ۾ مدد جي لاءِ منجمند اثاثن کي فوري طور تي جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽرائيڪا پلس جي خصوصي نمائندن سان ملاقات ??وران ڳا??ها??يندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ٽرائيڪا پلس (چين، روس، آمريڪا ۽ پاڪستان) جي خصوصي نمائندن ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان ٽرائيڪا پلس جي اهميت تي زور ڏيندي اسلام آباد ۾ افغا??ست??ن جي صورتحال ۽ درپيش چئلينجز کي منهن ڏي?? جي لاءِ اڳڀرائي بابت ڪامياب اجلاس منعقد ڪرڻ تي خصوصي نمائندن کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم عمران خان پوري خطي جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ افغا??ست??ن ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته هو مسلسل ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو آهي ته افغا??ست??ن جو ڪو فوجي حل نه آهي، اهڙي طرح پاڪستان سمورين ڌرين جي شموليت تي ٻڌل سياسي حل جي حمايت ڪئي آهي، تبديل ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم شموليت، انساني حقن جي احترام ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي پرعزم قدمن تي زور ڏنو. وزيراعظم گڏيل خدشن کي منهن ڏي?? ۽ ٽرائيڪا پلس ملڪن جي گڏيل مفاد جي فروغ لاءِ افغا??ست??ن ۾ عالمي برادري جي عملي سوچ ۽ تعميري ڳالهين جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم فوري طور تي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي تباهي ۽ انساني بحران جي چئلينجز کي منهن ڏي?? جي لاءِ افغا??ست??ن جي معاشي مدد تي زور ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري صورتحال جي سنگيني جو ادراڪ ڪندي ۽ افغان عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي ۾ مدد جي لاءِ منجمند اثاثن کي فوري طور تي جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. وزيراعظم ان ڏس ۾ ٽرائيڪا پلس جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو.