اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان بابت بيجنگ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ طالبان دعوت ڏينداسين، جنهن کي قائل ڪرڻو آهي ان کي ميز تي آڻڻو پوندو، پاڪستان ذميوار ملڪ آهي، امن ۽ استحڪام ۾ دنيا جي لاءِ ۽ علائقائي فائدا آهن، بگاڙ پيدا ٿيو ته ڪو ??ه بچي نه سگهندو. ٽرائيڪا پلس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته مون اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان ??اڪستان ذميواراڻو رويو اختيار ڪيو آهي، پاڪستان افغانستان جي سمورن پاڙيسري ملڪن سميت روس کي به گ??رايو ۽ هاڻي اسان چين جي طرف وڃي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ??يصلو ڪيو آهي ته جيڪي اسان ??اڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، اسان ڪنهن کي قائل ڪري رهيا آهيون جنهن کي قائل ڪرڻو آهي جيستائين اهو ميز تي نه هوندو ته اهي گفتن، ن??تن ۽ برخاستن جي برابر آهي، ان ??اءِ ايندڙ ويهڪ ۾ طالبان کي هجڻ گهرجي. هن چيو ته بيجنگ اجلاس ۾ طالبان کي دعوت ڏينداسين ته جيئن انهن جي خدشن کي به ٻڌي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ??ڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ ان جا خدشا اسان دنيا سان شيئر ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ امن قائم ٿئي ٿو ته ان جا گلوبل ۽ علائقائي فائدا ٿيندا ۽ جيڪڏهن بگاڙ پيدا ٿيو، پاڪستان ??تاثر ته ٿيندو پر توهان به بچي نه سگهندا، اهو چوڻ ته يورپ پري آهي ۽ محفوظ آهي. هن چيو ته وساريو نه ۽ تاريخ مان سبق سکو، اسان تاريخ مان سبق سکي ورتو آهي.