راولپنڊي-22 آڪٽوبر (اي ??ي پي) چيف آف آرمي ??سٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان پاڪستان ۾ جا??ان جي سفير ڪونينوري متسودا گذريل ڏينهن جي ايڇ ڪيو ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، مجموعي علائقائي ??ورتحال ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آر چيف جاپاني سفير جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مض??وط لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ دفاعي/سيڪيورٽي تعاون ۽ افغان صورتحال تي مؤقف جي حمايت ۾ ان جي شرڪت کي ساراهيو. جاپاني سفير افغان صورتحال سميت افغانستان مان ڪامياب نيڪاليءَ تي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهترين لاڳاپن کي ڪم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.