اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته نيوبالاڪوٽ سٽي کي سياح??ي مقام طور ترقي وٺرائي وڃي، وزيراعظم آفيس جي ميڊياونگ مان جاري بيان موجب نيوبالاڪوٽ سٽي کي سياح??ي مرڪز جي طور تي ترقي ڏيڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ سياحت جي فروغ لاءِ جابلو علائقن ۾ نوان سياح??ي ماڳ تعمير ڪري رهي آهي ان مقصد لاءِ سياحت ۽ مهمانواز?? جي شعبي ۾ مشهور نجي سيڙپڪارن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) موڊيز ??ي متوجهه ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ان سلسلي ۾ نجي سيڙپڪارن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻن. هن ڪي پي ڪي حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو منصوبي کي ايرا کان وٺي ??ڪ سياح??ي ماڳ طور ??ي مڪمل ڪري، وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته خطي ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ پوکي هيٺ زمين جي منصوبي ۾ شامل نه ڪيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نيوبالاڪوٽ سٽي کي ڊزائين- بلڊ- فنانس-آپريٽ اينڊ ٽرانسفر (DBFOT) موڊ تي سياح??ي مرڪز طور ترقي ڏيڻ جي 19.5 بلين روپين جي منصوب?? جي فزيبلٽي اسٽيڊي نيسپاڪ ۽ ڪي پي ايم جي مڪمل ڪري ورتي آهي. تجويز ڪيل پروجيڪٽ تحت ڪل 6753 مان 63 سيڪڙو رهائشي پلاٽ مقامي متاثرين کي الاٽمينٽ لاءِ مختص آهن جڏهن ته باقي 2480 رهائشي ۽ 575 ڪمرشل پلاٽس کانسواءِ 800 اپارٽمينٽس نيلام ڪيا ??ڃن ته جئين ان منصوبي تي عملدرآمد لاءِ فنڊز حاصل ڪري سگهجن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بنيادي طور تي نيو بالاڪوٽ سٽ?? جي ترقي وفاقي حڪومت بدران ڪي پي ڪ?? جي صوبائي حڪومت جي ذميداري آهي، ڪي پي ڪي حڪومت پهرين ئي ان مقصد جي لاءِ زمين حاصل ڪري چڪي آهي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ( پي پي پي) تحت مڪمل ڪيل ان منصوبي ۾ يوٿ هاسٽل، ٿيم پارڪ، ڪيمپنگ گرائونڊ ۽ ٿري اسٽار هوٽل شامل هوندا، اهو منصوبو مڪمل ٿيڻ سان نه رڳو موجوده سياح??ي ماڳن تي دٻاءُ گهٽ ٿيندو پر حڪومت سان گڏ متوقع آمدني ورهائڻ جي نتيجي ۾ 7 بلين روپين کان وڌيڪ رقم به ڪمائيندو.