اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان سائنس فائونڊيشن اڄ هڪ اهڙي پروگرام جو آغاز ڪرڻ وڃي رهي آ??ي جيڪو منهنجي منظر ۾ گيم چينجر هوندو.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 450 گورنمينٽ اسڪولن کي STEM (سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ ميٿس) اسڪولن ۾ تبديل ??رڻ جو منصوبو مون انهن لاءِ ڊزائين ڪيو ته جيستائين سرڪاري اسڪول ماڊرن نه ٿيندا ملڪ بدلجي نه سگهجندو،
اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي آ??ي ته دير جي باوجود اهو منصوبو اڄ حقيقت بڻجڻ وڃي رهيو آهي. انشاءُ الله شروعاتي 450 اسڪولن کانپوءِ وڌ کان وڌ اسڪول ان ماڊل تي اچي ويندا. ي??ني??رسٽين کي چيو ويو آهي ته هو اسڪول ايڊاپٽ ڪن ۽ سائنس جي تعليم جو معيار اسڪول ليول تي بهتر ڪن.