اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??اڪست??ن جاپان سان ??تب??دل توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر جاپ??ن جي سفير ڪونينوري ماتسودا سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪستان وزيراعظم عمران خ??ن جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن جي ايجنڊا تي ع??ل پيرا آهي جڏهن ته ??اڪستان ۾ جاپاني ڪمپنين جي لاءِ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته ??اڪست??ن جاپان سان ??تب??دل توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. جاپاني سفير پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ته ??يوٽا ڪمپني پاڪستان ۾ هائبرڊ ڪارسازي جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري جو ارادو رکي ٿي، ان کانسواءِ جاپان پاڪستان مان تربيت يافته افرادي قوت حاصل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي، ان ڏس ۾ هڪ هزار انجنيئرز جا انٽرويو مڪمل ڪيا ويا آهن. جاپاني سفير چيو ته ??اڪستان ۾ فوڊ پراسيسنگ پلانٽس لڳائڻ جي لاءِ جاپ??ن جي ڪيترين ئي وڏين ڪمپنين گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. جاپاني سفير وڌيڪ چيو ته جائيڪا ملتان ۾ پاڻي جي نيڪالي جي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ قدم کڻندي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ جاپ??ن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي حوالي س??ن جاپاني سفير جي خدمتن کي ساراهيو ۽ جاپاني سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.