اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بحرا?? جي ??يش نظر عالمي برادري کي ف??ري قدم کڻڻا پوندا، جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته پورو خطو متاثر ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان موجب شاهه محمود قريشي گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي خميس ڏينهن نيويارڪ ۾ پنهنجي ??رڪ هم منصب ميولوت چاوش اولو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي ??عبن ۾ ٻطرفي تعاو?? جي فروغ ۽ افغانستا?? جي اڀرندڙ صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جهڙي ف??رم جي موجودگي، ٻطرفي لاڳاپ?? جي استحڪام جو مظهر آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ??زم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جي ??والي سان ترڪي جي ??صولي موقف ۽ پاڪستا?? جي موقف جي مسلسسل ۽ اڻٽر حمايت تي ترڪ قيادت جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون، ترڪ قيادت پاران عالمي سطح تي مظلوم ڪشميري?? جي حمايت سان انهن جا حوصلا بلند ٿيا، هن چيو ته وڌندڙ اسلامو فوبيا جي ??جحان ۽ نفرت انگيز بياني کي چيڀاٽڻ لاءِ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جهڙن فورمن تي پاڪستان ۽ ترڪي جي گڏيل ڪوششون اطمينان جو باعث آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بحرا?? جي ??يش نظر افغانين لاءِ معاشي ۽ انساني مدد جي ??ير مشروط فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي برادري کي ف??ري قدم کڻڻا پوندا، جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته پورو خطو متاثر ٿيندو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان عالمي برادري جي مدد کانسواءِ پنهنجي محدود وسيل?? جي باوجود گذريل 40 سالن کان 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگير?? جي ميزباني ڪندو پيو اچي، اسا?? جي معيشت وڌيڪ پناهگيرن جو بار نٿي کڻي سگهي، پاڪستان خطي جي ??من ۽ استحڪام لاءِ افغانستان ۾ قيام امن کي اڻٽر سمجهي ٿو.