اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪج??ه ميڊيا مالڪ فيڪ نيوز کي پنهنجو حق قرار ڏئي رهيا آهن ۽ پنهنجي ملازمن کي چئي رهيا آهن ته پگهار سان گڏ بونس ??ه وٺو ۽ رستن ت?? نظر اچو. سومر ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عام ميڊيا ورڪر جي تحفظ ۽ فيڪ نيوز جي خلاف وڏي ڏنڊ وارو قانون صحافت جي خلاف ڪيئن آهي؟ ڪوڙي خبر ڪنهن بنيادي حق ٿي سگهي ٿو؟