اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گلگت بلتستان جي ??ورنر راجا جلال حسين ??قپون ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ??ي وٺ ٿي. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي وزير گلگت بلتستان ۾ ترقياتي منصوبن ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گ??گت بلتستان ۾ پي ٽي وي اسٽيسن جي قيام ??اء?? قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته گ??گت بلتستان ۾ ڊجيٽل ڪيبل ۽ موبائيل نيٽ ورڪ ڪمپنين جي خدمتن کي بهتر بڻايو ويندو. اطلاعات واري وزير چيو ته گ??گت بلتستان جي نوجوانن ۾ ڊجيٽل ميڊيا ۾ دلچسپي کي فروغ ڏنو وڃي. ڊجيٽل ميڊيا ۾ نوجوانن ??اء?? بي پناهه موقعا موجود آهن. گلگت بلتستان جي ??ورنر نوجوانن کي ڊجيٽل ميڊيا طرف متوجهه ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي وزير جي تجويز سان اتفاق ڪيو.