اسلام آ??اد – 30 جولاءِ (اي پي پي)اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستاني قيادت افغ??نس??ان ۾ امن جي خواهشمند آهي، افغ??نس??ان جي باري ۾ اسان جي پاليسي واضح آهي، اسان افغ??نس??ان ۾ ڪنهن هڪ گروپ جي حمايت يا ان کي مضبوط نه ڪري رهيا آه??ون پر هڪ اهڙو ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آه??ون جنهن ۾ افغ??نس??ان جا سمورا گروپس پاڻ ۾ گڏجي ويهي متفقه حڪومت جوڙي سگهن. اسان خطي ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي فروغ ڏيڻ چاه??ون ٿا، وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ جو دارو مدار مستحڪم افغ??نس??ان تي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ افغان يوٿ فورم جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته افغ??نس??ان جي باري ۾ پاڪستان جي پاليسي واضح آهي، اسان افغ??نس??ان ۾ ڪنهن هڪ گروپ جي حمايت يا ان کي مضبوط نه ڪري رهيا آه??ون پر هڪ اهڙو ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آه??ون جنهن ۾ افغ??نس??ان جا سمورا گروپس پاڻ ۾ گڏجي ويهي متفقه حڪومت جوڙي سگهن. اهو واحد رستو آهي جنهن جي ذريعي افغ??نس??ان ۾ مستحڪم حڪومت ۽ پرامن معاشرو جوڙي سگهجي ٿو. هن چيو ته هن وقت افع??نس??ان ۾ هڪ اهڙو گروپ ان پوزيشن ۾ ناهي جيڪو پوري افغ??نس??ان تي حڪومت ڪري سگهي. جيڪڏهن هڪ گروپ ڪابل تي قبضو ڪري ٿو ته ٻيو ان ۾ رڪاوٽ وجهي ٿو ۽ اهڙي صورت ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته اسان افغ??نس??ان ۾ امن لاءِ جيڪو ڪري سگهون ٿا، ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اهو هڪ مشڪل ڪم آهي، هن ٻڌايو ته سپر پاورز پنهنجي ڪارروائي ڪري هليا ويندا آهن ۽ نتيجا اسان کي ڀوڳڻا پوندا آهن، پاڪستان ۽ افغ??نس??ان سپرپاورز جي ڪارراين جا نتيجا ڀوڳيا، چوڌري فواد حسين چيو ته اسان افغ??نس??ان لاءِ هڪ مضبوط مستقبل جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اسان کي يقين آهي ته هن خطي جو مضبوط معاشي مستقبل هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغ??نس??ان تي آهي، اسان جون سمور??ون ڪوششون ان طرف گامزن آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي مستقبل جي معيشت مستحڪم افغ??نس??ان چوڌاري گهمي ٿي، اسان وچ ايشيائي رياستن سان مضبوط مواصلاتي رابطن جا خواهشمند آهيون، انهي مقصد لاءِ وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جو دورو ڪيو. هن چيو ته ازبڪستان سان اسان پشاور کان مزار شريف ۽ پوءِ تاشقند تائين ريلوي ٽريڪ جي معاهدي تي به صحيحون ڪ??ون آهن، اسان افغ??نس??ان جي رست وچ ايشائي رياستن تائين ٽرڪن جي ذريعي واپار کي فروغ ڏيڻ چاه??ون ٿا، هن چيو ته گوادر ۽ ڪراچي پورٽس کي وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ ڏيڻ جو دارومدار مستحڪم افغ??نس??ان تي آهي ڇو ته صرف مستحڪم ۽ پرامن افغ??نس??ان سان ئي وچ ايشيائي رياستن ۽ خطي ۾ مواصلاتي رابطا ممڪن ٿي سگهن ٿا. وفاقي وزير ٻڌايو ته افغان نوجوانن وزيراعظم عمران خان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سان به ملاقا?? ڪئي ۽ انهن جو موقف معلوم ڪيو، وزيراعظم عمران خان افغ??نس??ان جي نوجوانن ۽ صحافين جي ملاقات تي پروگرام پشتو ۽ دري سب ٽائيٽلز سان آن ايئر ٿيو، اميد آهي ته افغ??نس??ان جي وڌيڪ آبادي کي ان پروگرام سان پاڪستان جي پاليسي جي باري ۾ معلومات ميسر ايندي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان افغ??نس??ان جي نوجانن ۽ صحافين سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ افغ??نس??ان جي مستقبل جي باري ۾ ڳالهه ڪئي. وفاقي وزير افغان نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسلام آ??اد هڪ خوبصورت شهر آهي، ان جي باري ۾ مختلف سطحن تي غلط فهم??ون پيدا ڪ??ون ويون، ان قسم جا دورا اهڙين غلط فهمين کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان جي سينئر صحافين جو ڪابل جي دوري جو انتظام ڪري رهيا آهيون، جتي اهو افغان قيادت سان ملاقاتون ڪندان، چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جو يقين آهي ته ميڊيا واحد رستو آهي جنهن جي ذريعي اسان پنهنجو موقف عوام تائين پهچائي سگهون ٿا. هن پاڪستان ۽ افغ??نس??ان جي نوجوانن کي هڪ پليٽ فارم تي متحد ڪرڻ ۽ پاڪ افغان ميڊيا ڪانڪليو جي انعقاد تي پاڪ افغان يوٿ فورم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ايونٽ جي ڪامياب انعقاد تي پاڪستان جي سفير ۽ ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ کي مبارڪ??اد ڏني.