اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين ۽ دفاع واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته اس??مبلي اجلاس ۾ هنگامي آرائي سان پارليامينٽ جي توهين ٿي، سياس??دا??ن کي ان تي ندامت جو منهن ڏسڻو پيو، اهڙو ماحول پيدا نه ٿيڻ گهرجي جنهن سان ادارا فنڪشنل نه ٿين، حڪومت ۽ مخالف ڌر مع??هد?? تي پهچي ويا آهن ته اجلاس سٺي طريقي سان هلايو ويندو، اسان ??مه??ريت، آئين ۽ پارليامنيٽ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، 186 ميمبرن اس??يڪر ۽ ڊپٽي اس??يڪر تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، بجيٽ آساني سان منظور ٿي ويندي ۽ مخالف ڌر کي پهريون به چوندا رهيا آهيون ته هو اليڪٽورل ري فارمز ۽ جڊيشل ريفارمز تي ڳالهه ڪري. اها ڳالهه ڏينهن پارليامنيٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وز??ر چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ تفصيلي ڳالهه ٿي، ڳالهه ٻولهه ۾ حڪومت پاران پرويز خٽڪ، اسد عمر، علي محمد خان، عامر ڊوگر ۽ هو پاڻ، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) پاران رانا ثناءُ الله، اياز صادق، رانا تنوير ۽ پيپلزپارٽي پاران راجا پرويز اشرف ۽ شازيه مري شامل هئا، هن ٻڌايو ته ڳالهين ۾ سڀني معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اتفاق ٿيو ته اس??مبلي جي اندر اهڙو ماحول پيدا نه ٿيڻ گهرجي جنهن سان ادارا فنڪشنل نه ٿين، اس??مبلي جي اندر هنگامي آرائي سان پارليامينٽ جي توهين ٿي آهي ان سان سياس??دا??ن کي ندامت ڪرڻي پئي، هن ٻڌايو ته ان ڏس ۾ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ معاملن کي ڏٺو ويندو ته ڪهڙي طرح ڪنٽرول ڪرڻو آهي، اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته اس??يڪر جا اختيار وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، هاڻي ڪميٽي فيصلو ڪندي ته اس??يڪر جي اختيارن تي ڪهڙي طرح نظرثاني ڪئي وڃي ۽ ان کي ڪهڙي طرح وڌايو وڃي. هن چيو ته مخالف ڌر کي درخواست ڪئي آهي ته هو ڊپٽي اس??يڪر جي خلاف عدم اعتماد جي قرارداد واپس وٺي ان تي به مثبت اڳڀرائي جو امڪان آهي، مخالف ڌر پنهنجي قيادت سان مشورو ڪري ان حوالي سان اڳتي وڌندي، هن چيو ته توهين ڪنهن به نه ٿيڻ گهرجي، تنهن ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن کي پنهنجي تقرير ۾ هڪٻئي جي توهين نه ڪرڻ گهرجي،