اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان عملي قدمن سان وزيراعظم عمران خان گلوبل ليڊر جي طور تي سامهون آيو آهي، هڪ ارب وڻ لڳا??ڻ جو چئلينج پورو ڪرڻ کانپوءِ هاڻي 10 ارب وڻ لڳا??ڻ جو چئلينج به پورو ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو ته هن سال عالمي ماحولياتي ڏينهن جي ميزباني به پاڪستان ڪري رهيو آهي، هن چيو ته گرين ڊپلوميسي دنيا سان لاڳاپن جا نوان رستا ٺاهي رهي آهي، پاڪستان ۾ ڪلين انرجي ۽ ڊيمز ٺاهڻ جي لاءِ پهرين 500 ملين ڊالرز گرين يورو بانڊ فنانسنگ به منظور ٿي چڪي آهي، ورلڊ اڪنامڪ فورم، بون چئلينج سميت عالمي ماحولياتي فورمز پاڪستان جي پذيرائي ڪري رهيا آهن.