اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ??حر??ڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي فلسطين مسئلي جي حوالي سان وزيراعظم جي دليراڻي ۽ مدبراڻي موقف ۽ مسلمان امت خاص طور تي اسلامو فوبيا جي حوالي سان عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي ڪامياب ڪوششن کي ساراهيو آهي، ڪميٽي ان عزم کي ورجايو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جيڪا مافياز جي خلاف من??ن ڏئي رهي آهي، قانون جي حڪمراني جي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر حد تائين ويندي ۽ ڪنهن به شخص کي اين آر او نه ڏنو ويندو، ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به سياسي پارٽي سان هجي ۽ ڪا به قي??ت ڇو نه ادا ڪرڻي پوي، اصولن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ??يندو. پي ٽي آءِ ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪور ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. ڪميٽي فلسطين مسئلي جي حوالي سان وزيراعظم جي دليراڻي ۽ مدبراڻي موقف ۽ مسلمان امت خاص طور تي اسلامو فوبيا جي حوالي سان عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي ڪامياب ڪوششن کي ساراهيو. ڪور ڪميٽي چيو ته پاڪستان ??حر??ڪ انصاف جي حڪومت مافياز جي خلاف من??ن ڏئي رهي آهي. پاڪستان ??حر??ڪ انصاف قائم ڪرڻ جو مقصد قانون جي حڪمراني (رول آف لاء) کي قائم ڪرڻ ۽ هر شخص کي انصاف جي فراهمي هو ۽ ??حر??ڪ انصاف جي حڪومت انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر حد تائين ويندي. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ??يو ته ڪنهن به شخص يا شخصيت کي اين آر او نه ڏنو ويندو، ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به پارٽي سان ڇو نه هجي. ان حوالي سان ڪور ڪميٽي ان ڳالهه کي ورجايو ته پارٽي جي بنيادي اصولن جي آبياري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکي ويندي ۽ اصولن تي ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪيو ??يندو، ڀلي ان جي ڪا به قي??ت ڇو نه هجي.