اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ خميس ڏي??هن لاهور جو هڪ ڏي??هن جو دورو ڪندو، ان دوران هو پنجاب پيري اربن گهٽ لاڳت هائوسنگ اسڪيم جي منصوبي جي شروعات ڪندو. 10 کان وڌيڪ سائيٽن جي منصوبي جي شروعات لاءِ چونڊ ڪئي وئي آهي. منصوبو شروع ڪرڻ جي وڏي تقريب رائيونڊ ۾ ٿيندي ج??هن ۾ وزيراعظم خاص مهمان هوندو. هي اسڪيم پنجاب جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ ٺاهي وئي آهي. هن م??صوبي کي پنجاب حڪومت ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي حصيداري سان عملي شڪل ڏني پئي وڃي. منصوبي تحت ننڍي رهائشي ڪالونيون، جن ۾ اڪثر 100 کان 500 هائوسنگ يونٽ شامل آهن، پنجاب جي ڀرپاسي وارن شهرن ۽ ڳوٺن جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ تعمير ڪيون وينديون. بورڊ آف روينيو پنجاب ذريعي زمين انتهائي گهٽ قيمت تي فراهم ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ بورڊ آف روينيو پنجاب صوبي جي 35 ضلعن ۾ 133 سائيٽس جي آڇ ڪئي آهي. پنجاب حڪومت پهرين مرحلي جي سائيٽس جي لاءِ جاين تي لي??ڊ ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي ڪمن جي لاءِ فنڊز ڏئي رهي آهي. ايف ڊبليو او ۽ اين ايل سي ا??هن سائيٽس کي تيار ڪندا ۽ ننڍا هائوسنگ يونٽ (3.5 مرله) تعمير ڪندا. ا??هن سائيٽن ۾ توسيع جي گنجائش آهي ج??هن جي ڪري ب??د ۾ ا??هن جاين تي وڌيڪ 4000 گهر شامل ڪري سگهجن ٿا. توسيع وارو منصوبو هجڻ جي ڪري ان م??صوبي کي ب??د ۾ پنجاب جي سمورن 143 تعلقن تائين مرحليوار وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم عمران خان چنيوٽ، ڊي جي خان، چونيان، خانيوال، خوشاب، منڊي بهاءُ الدين، ميانوالي، جلال پور پير والا ۽ سرگوڌا ۾ سائيٽس تي ورچوئل طور تي ڪم جي شروعات ڪندو.