اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي مديني جي رياست جي خواب کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان بيت المال يتيم ٻارن جي لاءِ دارالاحساس، چائيلڊ ليبر جي خاتمي جي مرڪزن ۽ وومين ايمپاورمينٽ سينٽرز سميت معاشري جي غريب ماڻه?? کي علاج جون سهولتون ڏئي رهيو آهي. پاڪستان بيت المال پاران يتيم ٻارن جي لاءِ دارالاحساس جو قيام اسلامي فلاحي رياست طرف هڪ ٻيو قدم آهي. سرڪاري ذريعن موجب سڄ?? ملڪ جي هر دارالاحساس مرڪز ۾ 4 کان 6 سالن تائين جي عمر جا 100 ٻار رهن ٿا. دارالاحساس ۾ رهندڙ ٻار?? کي هڪ فيملي يونٽ ۾ مفت فرنشڊ رهائش، مفت متوازن خوراڪ جنهن ۾ ناشتو، ٻنپهرن جي ماني ۽ رات جي ماني، شهر جي بهترين اسڪولن ۾ ميٽرڪ ۽ ان کان اڳتي جي تعليم، مفت يونيفارم، ڪتاب ۽ اسٽيشنري، سرديءَ جي موسم ۽ گرمي جي موسم جو لباس، سرڪاري اسپتالن ۾ طبي سهولت، اسڪلز ڊولپمينٽ، مفت لانڊري خدمتون، نماز جي سهولت ۽ ديني تعليم جي سهولت ڏني پئي وڃي. ان کانسواءِ تشدد ۽ بدسلوڪي جو شڪار ٻار?? کي مشاورت ۽ قانوني امداد پڻ ڏني وڃي ٿي. گذريل مالي سال 20 – 2019ع دوران سڄ?? ملڪ ۾ 1730 نئين يتيم ٻار?? کي دارالاحساس ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو جتي انه?? کي گهر جهڙي ماحول ۾ صاف سٿرو کاڌو ۽ بهترين تعيلم ۽ تربيت کي ممڪن بڻايو پيو وڃي. پاڪستان بيت المال ۾ انفرادي مالي معاونت (آءِ اي?? اي) پرو??را?? تحت غريب، بيواهه عورتن، بي سهارا عورتن، يتيم ۽ معذور ماڻهن جي عمومي امداد، تعليم، طبي علاج ۽ بحالي جي ذريعي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. ان منصوبي جو مقصد غريب ماڻهن جي فوري مدد ڪرڻ، غريب مريض?? کي معذوري يا ڪنهن وڏي بيماري جي لاءِ طبي امداد جي فراهمي، غريب ماڻه?? کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ، سرڪاري شعبي جي تعليمي ۽ فني ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ مستحق ۽ ذهين غريب شاگرد?? کي تعليمي وظيفن جي فراهمي آهي. گذريل مالي سال دوران 21618 غريب مريضن جي مفت علاج کي ممڪن بڻايو ويو جنهن تي 2727 ملين رپيا خرچ ٿيا جڏهن ته 36.28 ملين رپين جي رقم سان 18141 مستحق مريضن جي اکين جي موتيي جي سرجري ممڪن بڻائي وئي. غريب ۽ لاچار پر هوشيار شاگردن جو تعيلمي سفر جاري رکڻ جي لاءِ گذريل مالي سال دوران 155 ملين رپين جي رقم خرچ ڪئي وئي جنهن سان 5683 شاگردن فائدو کنيو. هيستائين 51 ٻار?? کي ”ڪوڪليئر امپلانٽ“ مهيا ڪندي ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي قابل بڻايو ويو آهي جنهن تي 46.22 ملين رپيا لڳا. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) چائلڊ ليبر جي خاتمي جي پرو??را?? ذريعي 1996ع ۾ هڪ سروي ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۾ 5 کان 14 سالن تائين جي عمر جي 3.3 ملين ٻارن جي نشاندهي ڪئي وئي جن کان جبري پورهيو ورتو پئي ويو. چائلڊ ليبر جهڙن مسئلن ۾ رياستي مداخلت ضروري ٿي وئي هئي. چائلڊ ليبر بابت قومي پاليسي ۽ ايڪشن پلان آف چائلڊ ليبر ۾ ٻارن کان پورهيي جي فوري خاتمي تي ڌيان ڏنو ويو. چائلڊ ليبر جو شڪار ٻارن جي بحالي لاءِ پاڪستان بيت المال اسڪول 1995ع کان سڄ?? ملڪ ۾ قائم آهن. انهن مرڪزن ۾ 5 کان 14 سالن تائين جي عمر جي ٻار?? کي داخل ڪيو وڃي ٿو جتي انه?? کي مفت تعليم، لباس، جوتا ۽ وظيفا ڏنا وڃن ٿا. سڄ?? ملڪ ۾ پاڪستان بيت المال جي انتظام هيٺ 159 چائلڊ ليبر جي خاتمي جا مرڪز آهن جن مان پنجاب ۾ 73، سنڌ ۾ 37، خيبرپختونخواهه ۾ 24، بلوچستان ۾ 14، اسلام آباد/ آزاد ڪشمير ۽ اترين علائقن ۾ 11 مرڪز آهن. ٻار?? کي چائلڊ ليبر کان ڇوٽڪارو ڏياريندي پرائمري سطح تائين مفت تعيلم ڏني وڃي ٿي. هن وقت 17871 شاگرد انهن مرڪزن ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. سال 20 – 2019ع دوران انهن اسڪولن ۾ 18519 ٻار رجسٽرڊ ڪيا ويا جڏهن ته هيستائين 38059 ٻار فارغ التحصيل ٿي چڪا آهن. گذريل مالي سال دوران ان منصوبي تي 712 ملين رپيا خرچ ڪيا ويا. پاڪستان بيت المال جي انتظام هيٺ سڄ?? ملڪ ۾ 155 وومين ايمپاورمينٽ سينٽرز عورت?? کي خودانحصاري جي سفر تي گامزن ڪرڻ ۾ مصروف آهن. پاڪستان بيت المال جا وومين ايمپاورمينٽ سينٽرز 1995ع کان آزاد ڪشمير ۽ اترين علائقن سميت سڄ?? ملڪ ۾ قائم آهن. انهن اسڪولن ۾ بيواهن، يتيمن، غريب ڇوڪري?? کي ڊرافٽنگ، ڪٽنگ، سلائي، ڪڙهائي، هٿ ۽ مشين سان ايمبرائيڊري سميت مختلف مهارتن ۾ مفت تربيت ڏني وڃي ٿي. پاڪستان بيت المال هر ضلعي ۾ هڪ ووڪيشنل دستڪاري اسڪول قائم ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. هن وقت انهن اسڪولن جو انگ 155 آهي جن مان پنجاب ۾ 64، سنڌ ۾ 30، خيبرپختونخواهه ۾ 33، بلوچستان ۾ 18، اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ اترين علائقن ۾ 11 اسڪول شامل آهن. گهٽ آمدني وارن طبقن سان تعلق رکندڙ عورتن ۽ ڇوڪري?? کي ٻن شفٽن ۾ تربيت ڏني وڃي ٿي. مالي سال 20 – 2019ع دوران 638 ملين رپين جي رقم سان 30 هزار عورت?? کي پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪئي وئي. هتان فارع التحصيل ٿيندڙ عورت?? کي پاڪستان غربت خاتمي جي فنڊ جي تعاون سان هڪ لک رپين تائين بنا وياج قرض ڏنو ويندو ته جيئن اهي پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن. هن وقت 13322 عورتون تربيت هيٺ آهن جڏهن ته هيستائين 135220 عورتون تربيت مڪمل ڪري چڪيون آهن. ان منصوبي تحت ايندڙ چئن سالن دوران 62400 عورت?? کي باعزت ۽ باوقار زندگي گذارڻ جي لاءِ خوانحصار ۽ پاڻڀرو بڻايو ويندو.