اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحتي ماڳن تي معاش?? سرگرمين جو وڌيڪ فائدو انهن علائقن جي رهواسين کي ملڻ ضروري آهي، انهن ماڳن جي صفائي جو ??اص خيال رکيو وڃي ۽ غير ضروري تعميرات کان پاسوڪيو وڃي ته جئي?? قدرتي خوبصورتي برقرار رهي، وزيراعظم اهڙن خيالن جو ??ظهار سياحتي ماڳن گبين جبه، سوات جي دوري جي موقعي تي ڪيو، وزيراعظم جي آمد تي خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان سندس آجيان ڪئي، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم کي صوبائي حڪ??مت خيبرپختونخوا جي طرفان سڄي صوبي ۾ سياحت جي فروغ لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ تفيصلي بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گبين جبه ۾ قائم ماحول دوست ڪيمپنگ پوڊز آگسٽ 2020ع کان سياحن لاءِ کولي ڇڏيا آهن جنهن مان روينيو ڪمائڻ سان گڏوگڏ ان علائقي ۾ سياحن جي آمد سان معاش?? سرگرمين ۾ اضافو ٿيو آهي.