گڏيل قومن ۽ اسلامي سهڪاري تنظيم جي سيڪريٽري جنرلز وچ ۾ ملاقات، افغانستان ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تي خيالن جي ڏي وٺ

image

گڏيل قومون – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ۽ اسلامي سهڪاري تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف بن احمد العثيمين وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ افغانستان، وچ اوڀر امن عمل ۽ ميانمار جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گڏيل قومن جي پري ريليز مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات ۾ پنهنجي مدي دوران گڏيل قومن ۽ او آءِ سي وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ذاتي دلچسپي جو اظهار ڪرڻ تي اسلامي سهڪاري تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو مڃيو.

مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز